سيد معشوق علي شاهه دهلوي جو مقبرو

سيد معشوق علي شاهه دهلوي جو مقبرو

سيد معشوق علي شاهه دهلوي

سيد معشوق علي شاهه دهلوي: سيد معشوق علي شاهه دهلوي عرف نماڻو شاهه، شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جو مريد ۽ خليفو هو. مرشد جي حڪم سان عمرڪوٽ لڳ کاروڙي جي پٽ ۾ اچي رهيو. شاهه عنايت کي دهلي حڪومت جي مغل گورنر شهيد ڪرايو هو. تنهنڪري هي دهلي حڪومت جو باغي هو. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو سندس طالب هو. ٺڪر، سانجهياڻي، واڻيا، رند ۽ ٻيون ذاتيون سندن معتقدي ۽ مريديءَ جي سلسلي ۾ شامل هيون. جوڌپور رياست جي ڪارندن، دهلي حڪومت جي جاسوسي ڪندي، نماڻي شاهه سان گڏ سندس ساٿين ۽ شاهه عنايت شهيد جي طالبن هر هڪ ڪمال شاهه (هن جي درگاهه عمرڪوٽ ۾ آهي)، صديق شاهه (هن جي درگاهه نماڻي شاهه لڳ کاروڙي پٽ ۾ آهي) ۽ اسماعيل شاهه کي شهيد ڪيو. ڪارندن جي ڪلهن تي ڪڪڙ جو بيج لڳل هو. تنهنڪري ’ڪوڪڙيا‘ مشهور ٿيا. سائين معشوق علي شاهه فارسيءَ جو سٺو شاعر هو.
سندن مقبرو سانجهياڻي واڻين ٺهرايو، جن روپوشيءَ دوران سندس وڏي خدمت ڪئي ۽ بزرگ کين دعا ڪندي چيو هو ته ”سانجهاڻين جي سانجهي ڪا نه ايندي“. اڄ به سانجهياڻي واڻيا، تمام گهڻا سکيا ستابا آهن.
شاهه صاحب جي مقبري لڳ ڪراماتي کوهه مشهور آهي، جتي ڇتي ڪتي جا کاڌل وهنجندا آهن ۽ سندن ويساهه آهي ته هو ٺيڪ ٿي ويندا. رند ذات جا فقير درگاهه جا مجاور آهن.


لفظ سيد معشوق علي شاهه دهلويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو